رجب علي جبو خان جيڻو

رجب علي جبو خان جيڻو

رجب علي جبو خان جيڻو

رجب علي، جبو خان جيڻو: راجسٿان (ڀارت) جو نامور ڍولڪ نواز رجب علي ولد استاد دولو خان جيڻو مڱڻهار، 1982ع ۾ ڳوٺ ڪاريءَ ڏونگريءَ ضلعي ٻاڙمير (راجسٿان) ۾ ڄائو. گھر ۾ رجب عليءَ کي جبو نالي سان سڏيو ويندو آهي. اڳتي هلي ان ئي نالي سان مشهور ٿيو. سندس خاندان صدين کان راجپوتن جي ٺڪر ذات وارن جو فقير رهيو آهي ۽ نسل در نسل سازن سان وابسته رهيو آهي. هي ڍولڪ جي سکيا لاءِ دهلي جي استاد انوار خان جو شاگرد بڻيو. ان کان اڳ پنهنجي والد کان پڻ ڪجهه سکيا ورتي هئائين.
هن پنهنجي استاد کان ڍولڪ جي مڪمل سکيا حاصل ڪري سڄي ملڪ جي سازندن ۾ وڏي اهميت ماڻي. هي ملڪ کان ٻاهر به ڪيترائي پروگرام ڪري چڪو آهي. هن ٻاهرين ملڪن جي لوڪ موسيقيءَ ۾ وڏي شهرت ماڻي آهي. هي ٻاهرين ملڪن ۾ راجسٿان جو ثقافتي لباس پائي پروگرام ڪندو آهي. ڪيترن ملڪن جا دورا ڪري چڪو آهي. سندس پروگرام هندستان جي ٽي. وي چئنلن تي ڏيکاريا وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو